اسلام آباد 211; 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان ترڪيه جي زلزلي متاثرن لاءِ 16.5 ٽن وڌيڪ امدادي کيپ رواني ڪئي وئي آهي. امدادي سامان ۾ فيملي سائز جا 250 وينٽرائزڊ خيما شامل آهن، اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب امدادي کيپ اسلام آباد ايئرپورٽ تان پي آءِ اي جي جهاز بوئنگ 777 ذريعي ترڪيه رواني ڪئي وئي ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، سفيران وارو وفاقي وزير طلحه محمود ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ موجود هئا. وفاقي وزيرن ترڪيه ۾ خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ ا??سا??ي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام هر مشڪل گهڙي ۾ اسان جو ساٿ ??نو آهي، اهو ئي وقت آهي ??ه اسان انهي ??ذبي سان پنهنجي ترڪ ڀائرن جي مدد ڪريون.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ