ماسڪو-08 مارچ (اي پي پي) روس ڪيترن ئي آم??يڪي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.روس جي پرڏي??ي وزارت موجب ماسڪو ۾ مقرر آم??يڪي سفير لين ٽريسي کي ٻڌايو ويو ته روس ۾ ڪم ڪندڙ آم??يڪي سفارتڪار جن کي روسي حڪومت پاران ناپسنديده ق??ار ڏنو ويو آهي ۽ مختلف غير سرڪاري تنظيمن سان ڪم ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي ملڪ بدر ڪري سگهجي ٿو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس جي پرڏي??ي وزارت طرفان آم??يڪي سفير کي طلب ڪري ان کي ٽن اين جي اوز جي تبديل ٿيل قانوني حيثيت جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي.روس جو موقف آهي ته انهن اين جي اوز جن کي ماسڪو ۾ آم??يڪي سفارتخاني جي حمايت حاصل آهي روس مخالف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن جن جو مقصد تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي آڙ ۾ ايجنٽ ڀرتي ڪرڻ آهي.روسي پرڏي??ي وزارت پاران آم??يڪي سفير کي هڪ باضابطه نوٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهي آم??يڪي سفارتخاني پاران انهن پابندي پيل گروپن سان سمورا ??اڳاپا ختم ڪن ۽ سفارتخاني جي ويب سائيٽ تان انهن ٽنهي اين جي اوز بابت مواد کي ختم ڪن.روسي قانون موجب ناپسنديده ق??ار ڏنل اين جي اوز جا ڪيترائي حق ختم ڪيا ويا آهن، اهي اين جي اوز روس ۾ پنهنجون آفيسون کولي نيٿون سگهن ۽ نه ئي مالياتي نظام کي استعمال ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته اهي اين جي اوز پنهنجي نالي سان ڪجهه به شايع نٿا ڪرائي سگهن.
روس جي آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی