انقره -17 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هو پنهنجي روس جي هم منصب ولادي مير پيوٽن سان ترڪيڳ جي دوري لاءِ معاهدي تي پهچي ويو آهي جڏهن ته هن وقت تائين دوري جي تاريخ تي ات??اق نه ٿي سگهيو آهي.ميڊيا مطابق ترڪ صدر گذريل ڏينهن ڪابينه اجلاس کان پوءِ ٻڌايو ته اسان روس جي صدر سان گڏ فون تي ڳالهايو آهي پر هن وقت تائين سندس ترڪيھ جي دوري جي تاريخ تي ات??اق نه ٿيو آهي. مون کي اميد آهي ته اسان کي معاملي بابت وڌيڪ ٺوس ڄاڻ حاصل ٿيندي. ان کان پهرين روس جي ص??ارتي پريس سيڪريٽري دمتري پيسڪوف چيو هو ته ولاديمير پيوٽن جي ترڪيھ جي دوري جي تاريخ تي سفارتي ذريعن سان ات??اق ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام