گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) تي پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته عالمي ذ??يوارين جي پابندي ڪري . ??رڏ??هي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري حيثيت جو احترام ڪري. عالمي اداري چيو ته سمورين ڌرين کي گهرجي ته اهي يو اين آر دبليو اي کي ان جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ڇو ته اها رليف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انساني بن??اد?? تي ڪم جي حوالي سان ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪو به ٻيو ادارو انساني بن??اد?? تي ڪم ڪرڻ لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . يو اين آر ڊبليو اي جو پناهگيرن جي مدد لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي ??هل??ت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري جي امداد زندگين کي بچائيندڙ آهي . واضح رهي ته يو اين آر ڊبليو غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بي گهر فلسطينين جي انساني بن??اد?? تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت