مڪو شريف- 23 جون (اي پي پي) حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ سڄي دنيا مان آيل حاجي سڳورن مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ سعودي حڪ??مت طرفان فراهم ڪيل رهائش، کاڌي پيتي ۽ سفر جي بهترين سهولتن کي ساراهيو آهي. هلندڙ سال 1444هه ۾ پاڪستان س??يت مختلف ملڪن مان 30 لک کان وڌيڪ حج جو فرض ادا ڪندا. سعودي حڪ??مت جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ موجب خميس تائين 14 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا فضائي، بري ۽ بحري رستن ذريعي ڀلي پار پهچي چڪا آهن، پاڪستان کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت 26 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا ڀلي پار پهتا آهن جنهن کي سعودي عرب جي حڪ??مت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت اميگريشن س??يت ٻين سهول??ن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي حڪ??مت روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت مختلف مل??ن جي حج پانڌيئڙن کي به سهولتون ۽ سهڪار فراهم ڪيو آهي، جنهن سان کي?? ڀلي پار پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه آئي. حاجي سڳورن سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان طرفان حاجين جي ميزباني ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ۽ خراج تحسين پي?? ڪيو آهي جنهن سبب حاجي سڳورن کي مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ هر قسم جو سهڪار، رهنمائي جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي. .
حاجي سڳورن پاران بهترين انتظامن تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاد محمد بن سلمان سان ٿورن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب