سيئول-12 جنوري (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان جي ڌمڪي سندس پنهنج?? انتظاميا کي ئي نقصان پهچائيندي، ميڊيا رپورٽن مو??ب ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسان جي حڪومت اتر ڪوريا جي هر چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي جو جواب ڏيندي، هن چيو ته ڪم جونگ ان جي ڏکڻ ڪوريا کي ختم ڪرڻ واري ڌمڪي اسان لاءِ صرف لفظن جي راند آهي جيڪا جلد ئي اتر ڪوريا انتظاميا لاءِ نقصان جو سبب بڻجندي. واضع رهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ فيڪٽرين جي دوري کان پوءِ هڪ بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ??تر ڪوريا خلاف هٿيار استعمال ڪرڻ يا اتر ڪوريا جي سلامتي ۽ خودمختياري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان پاڻ وٽ مو??ود وسيلن کي استعمال ڪنداسين ۽ ڏکڻ ڪوريا کي ختم ڪرڻ کان پاسو نه ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج