رياض-21 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي شاهه سلمان امدادي مرڪز غزه پٽي جي ??تاثرن لاءِ هنگامي بنياد تي گڏيل قومن جي ??نهاگيرن واري اداري(اونرا) کي 40 ملين ڊال?? امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي،ميڊيارپورٽن موجب ان حوالي سان ٿيل معاهدي تي شاه سلمان مرڪز جي سربراه ڊاڪٽر عبدالله الربيعه ۽ اونرا جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني وڊيو ڪال دوران صحيحون ڪيون، معاهدي هيٺ غزه پٽي جي ??لسطينين کي غذائي امداد ??راهم ڪئي ويندي جنهن سان 2 لک 50 هزار متاثر فائدو حاصل ڪري سگهندا،جڏهن ته 2 لک ماڻهن تي مشتمل 20 هزار ڪٽنبن کي رهائش ۽ کائڻ پيئڻ جون ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون.شاه سلمان مرڪز جي سربراه ڊاڪٽر عبدالله الربيعه چيو آهي ته غزه متاثرن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪر?? تمام گهڻو ضروري آهي، فلپ لازاريني جو چوڻ هو آهي ته اها امداد سعودي عرب جي ان يڪجهتي جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا سعودي هميشه فلسطينين لاءِ ڏيکاري آهي.
سعودي عرب پاران فلسطينين لاءِ گڏيل قومن جي اداري کي 40 ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ