پئرس-31 مئي (اي پي پي) فرانس جي پارليامينٽ ۾ فلسطين جو ??هنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي کي منهن ڏيندڙ انتهائي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ جي پارليامينٽ ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو چيو آ??ي ته هو قومي اسيمبلي جي قاعدن جي پابندي بدران تاريخ کي درست رخ تي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو. اردو نيوز موجب پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي اجلاس دوران فلسطين جو ??هنڊو ڦڙڪائڻ تي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ (ايل ايف آءِ) جي ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو جي ٻن هفتن لاءِ ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي. هن فلسطين جي حق ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ رائٽرز کي ٻڌايو ت?? اهو پهريون ڀيرو آ??ي ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو ??هنڊو اسيمبلي ۾ ڦڙڪايو ويو آ??ي، پر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آ??ي ان کي نظر ۾ رکندي هي بلڪل درست قدم کنيو آ??ي. اوهان ڏسو ٿا ته روم سمنڊ جي ٻئي پاسي اسان جهڙن ئي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آ??ي، کاٻي ڌر جي پارٽي فرانس انبوڊ فلسطينين جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي ۽ ان مسئلي کي 9 جون تي يورپين پارليامينٽ لاءِ ٿيندڙ چونڊ مهم جو مرڪزي حصو بڻايو آ??ي. ايل ايف اي جي ڪجهه اڳواڻن ان تي يهود دشمني جو ??لزام لڳايو آ??ي پر پارٽي انهن الزامن کي رد ڪري ٿي. فرانسيسي صدر ايڪس تي جاري بيان ۾ رفح کي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي حملي تي ڪاوڙ جو ??ظهار ??ندي چيو ته هي آپريشن بند ٿيڻ گهرجي تنهن هوندي به سيبا سٽين ڊيلوگو جو چوڻ آهي ته حڪومت ان آپريشن کي روڪرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو غزه ۾ جاري قدمن تي فرانس کي به قصور وارو بڻائينداسين ڇاڪاڻ ته فرانس هن وقت تائين اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آ??ي جنهن جو مطلب آهي ته فرانس ان قتل عام ۾ شريڪ آهي، ان کان اڳ فرانس جي دفاع واري وزير چيو ته فرانس اسرائيل کي هٿيار موڪلڻ بند نه ڪندو، خيال رهي ته فرانس جي پارليامينٽ جي قاعدي موجب پارليامينٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي آهي.
پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ غزه ۾ قتل عام خلاف احتجاج هو: فرانس جو پارليامينٽ ميمبر
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری