نيويار?? -26 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان پريڊ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نيويارڪ سٽي جي ميئر ??يرڪ ايڊم، آمريڪن پاڪستاني ??بلڪ افيئرز ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز احمد ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين شرڪت ڪئي. اڪثر پاڪستاني ??ومي لباس ۾ هئا. نيويارڪ جي ميئر ??يرڪ ايڊم پاڪستانين جي ميڙاڪي جي آجيان ڪئي ۽ کين يوم آزادي جون مبارڪون ڏنيون. هنن پاڪستان زنده باد ۽ قائداعظم زنده باد جي نعرن وچ ۾ چيو ته پاڪستاني برادري جو دوست آهيان ۽ هميشه رهندس. پريڊ جي قيادت نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ جي هڪ يونٽ ۽ بينڊ ڪئي. نيويارڪ پوليس ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني آمريڪين جي هڪ گروپ پڻ پريڊ سان مارچ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری