قاهره -18 مارچ (اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو آهي ته يورپي يونين ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ اٽڪل 7.4 بلين يورو (8.06 بلين آمريڪي ڊالر) جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خابرو اداري مطابق هن اهي رمارڪس دورو ڪندڙ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرليين ۽ بلاڪ جي ٻين اعليٰ عهديدارن سان گڏيل طور تي منعقد هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن اعلان ڪيو ته مصر ۽ يورپي يونين گڏيل سهڪار جي رستي تي گامزن ??يڻ لاءِ هڪ گڏيل سياسي پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون آهن. مصر جي ايوان صدر جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته مالياتي پئڪيج بنيادي طور تي مصر جي معيشت کي 3 رخن رعائتي ف??ان??نگ، سيڙپڪاري جون ضم??نت??ن، ۽ ٻه طرفي سهڪار جي منصوبن کي لاڳو ڪرڻ جي فني مدد تي ڌيان ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار