گڏيل قومون-12 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطيني پن??هگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو چيو آهي ته مرڪزي غزه ۾ سندس نگراني ۾ هلندڙ ا??ڪو??ن مان هڪ تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ هن جا 6 ملازم شهيد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ 18 آهي. ان ا??ڪو?? کي اسرائيل پنجون ڀيرو حملن جو نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يو اين آر ڊبليو اي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪنهن هڪ واقعي ۾ اسان جي عملي جون سڀ کان وڌيڪ ??وت??يون آهن. اسرائيل جي فوج جو چوڻ آهي ته هن ڄاڻايل ا??ڪو?? اندر حملن جي منصوبابندي ڪندڙ دهشتگردن تي نشانو بڻايو. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ صحافين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن انهن سمورن اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ڪئي آهي جن ۾ عام شهرين کي نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ جيڪي گڏيل قومن جي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻائين ٿا.
اسرائيل جا غزه ۾ اسڪول تي فضائي حملا، گڏيل قومن جي 6 اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار