اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيرا??ظم جي پائيدار هدفن جي پروگرام ۽ بين العلا??قا??ي رابطن جي لاءِ موٽروهيڪل اينڊ ريلويز جي سارڪ معاهدي سميت ڪيترن ئي ايجنڊا ائٽمز جي منظوري ڏئي ڇڏ?? آهي جڏهن ته 5 رپين جي سڪي جي تبديلي ۽ 10 رپين جو سڪو متعارف ڪرائڻ جي منظوري کانسواءِ گردي، جگر، بون ميرو ٽرانسپلانٽ ۽ ڪينسر سميت موذي مرضن ۾ ورتل غريب ۽ مستحڪم شهرين جي علاج بابت پڻ فيصلو ڪيو ويو، نان فائيلرز جي لاءِ ودهولڊنگ ٽيڪس جي گهٽ شرح جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر 2016ع تائين توسيع پڻ ڪئي وئي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيرا??ظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيرا??ظم هائوس ۾ ٿيو. ڪابينا ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ ۽ آمدني تي ٽيڪسن جي حوالي سان مالياتي چوري جي روڪٿام لاءِ پاڪستان ۽ چن جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن جي لاءِ ٽئين پروٽوڪول ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني. آمدني تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڪنوينشن تي نظرثاني ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا پاران وزيراعظم جي هدف پروگرام سميت ايجنڊا ائٽمز جي منظوري
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب