اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) اط??اع??ت، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد جي اسڪولن جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ وز??را??ظم پاران 200 ب??ن جي تحفي تي شهر جي رهواسين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي به مبارڪباد هجي اڄ هڪ ٻيو ڦيٿو ڪٽجي ويو آهي، آئنده به عوام لاءِ فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جا ڦيٿا ڪٽجندا رهندا، خان صاحب توهان پاناما ڪيس کانپوءِ ڇا ڪندا ڇو ته توهان جي سياست ڪٽجي رهي آهي، عدالت ٻاهران عدالت هڻندڙن وٽ مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ايندو، اڃا به وقت آهي ته سبق سکو ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سا?? ڪيل واعدا پورا ڪريو. صحافين سا?? ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اعليٰ عدليه ۾ اسان جي وڪيلن دليل شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اعليٰ عدليه کي سمورا ثبوت پيش ڪيا ويندا ڇو ته جيئن ته وز??را??ظم چيو هو ته جڏهن به ڪو مستنند فو??م قائم ٿيندو ته اتي سمورا دستاويز پيش ڪيا ويندا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : رومن دولت