اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشري??ت ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم ??ورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نوا?? شريف جي خواهش هئي ته چيمپيئنز ٽرافي کٽيندڙ ٽيم ??ڏهن واپس وطن اچي ته ان جو شاندار طريقي سان استقبال ڪيو وڃي. هي تقريب ان سلسلي ۾ منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪرڪيٽ ٽيم ??ان گڏوگڏ پراڻي رانديگرن کي ??ڻ گهرايو ويو. ان موقعي تي ڪرڪيٽ ٽيم ??ي پوري مئنيجمينٽ سان گڏوگڏ ??انديگرن جي گهر جا ڀاتي پڻ موجود هئا، هي والدين جي لاءِ وڏي فخر جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته والدين سڄي زندگي محنت ڪري ۽ قربانيون ڏئي پنهنجي ٻارن کي ڪنهن مقام تي ڏسڻ جا خواهشمند هوندا آهن. هن تقريب ۾ رانديگرن جي والدين ۽ پوري ڪرڪيٽ ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نوا?? شريف جي اها خواهش به هئي ته هي ان جو پنهنجو فنڪشن هجي ۽ مون پاڻ به اهو ئي چاهيو پئي.
وزيراعظم جي خواهش هئي ته ڪرڪيٽ ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو وڃي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس