انقره -21 فيبروري (اي پي پي) ترڪيھ ۽ شام جي سرحدي علائقا هڪ ڀيرو ٻيهر شديد زلزلي جي لوڏن سبب ڌڏي ويا، انطاڪيه ۾ 6.4 زلزلي سبب 3 ماڻهو فوت جڏهن ته مجموعي طور تي 680 کان و??يڪ ماڻهو زخمي ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون. فوت ٿيلن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق زلزلي جو مرڪز ترڪ صوبي هاتائي جي آسپاس هو. جڏهن ته زلزلي جا لوڏا اردن، مصر ۽ شام ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ترڪيه ۾ 213 جڏهن ته شام ۾ 470 جي ويجهو ماڻهو زخمي ٿي پيا. ترڪيھ گهرو معاملن واري وزير سلمان سويلو چيو آ??ي ته زلزلي سبب فوت ٿي ويل ماڻهو انطاڪيه ۽ ويجهن علائقن سان تعلق رکن ٿا. جڏهن ته ماڻهن کي خطرناڪ عمارتن ۾ داخل نه ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي. اکين ڏٺن شاهدن مطابق انطاڪيھ ۾ عمارتن کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي. جڏهن ته ڏکڻ ترڪيھ هاتائي جي ميئر جو چوڻ آ??ي ته ماڻهن تباهه ٿيل عمارتن ج?? ملبي هيٺان ڦاٿل آهن. ترڪيھ جي ڊزاسٽر اينڊ ايمرجنسي ايجنسي چيو آ??ي ته زلزلي کان پوءِ ڪيترائي آفٽر شاڪس پڻ محسوس ڪيا ويا. ٻئي طرف شام جي تن??يم آبزرويٽري فار هيومن رائيٽس جو چوڻ آ??ي ته هاڻوڪي زلزلي کان پوءِ 32 آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن ج?? ۾ سڀ کان و??ن ج??ٽڪن ج?? شدت 5.8 هئي جڏهن ته 470 زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي. واضح ر??ي ته ترڪيھ جي هن علائقي ۾ 6 فيبروري تي 7.8 جي شدت جو زلزلو آيو هو جنهن ج?? نتيجي ۾ ترڪيھ ۽ شام ۾ 47000 کان و??يڪ ماڻهو فوت ٿيا هئا.
ترڪيھ ۽ شام ۾ ٻيهر 6.4 شدت جو زلزلو، 3 ڄڻا فوت، 680 کان وڌيڪ زخمي
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔