واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊو??لڊ ٽرمپ کي جنو??ي 2021ع ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي آمريڪي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي صدر چيو آهي ته هو ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪندو. انڊپينڊنٽ اردو جي رپورٽ موجب اهو عدالتي حڪم جيڪو رڳو ڪولوراڊو پرائمري بيلٽ تي لاڳو ٿئي ٿو، ڪولوراڊو جي عدا??ت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته پينل جي ميمبرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ کي رياست جي آئين جي 14 هين ترميم جي سيڪشن ٽي تح?? صدر جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ ڪولوراڊو سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي چونڊ ضابطن تح?? صدارتي پرائمري بيلٽ تي اميدوار طور ڊو??لڊ ٽرمپ جي داخلا غلط هوندي. عدالتي حڪم موجب ڊو??لڊ ٽرمپ 4 جنو??ي 2024ع تائين ان فيصلي خلاف آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، ڊو??لڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ترجمان اسٽيون چيونگ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان جلد ئي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ۽ ان شديد غير جمهوري فيصلي کي روڪڻ لاءِ گڏجي درخواست داخل ڪنداسين. هن ڪيس جو فيصلو ڪندڙ ججن تي ڊيموڪريٽس جا مقرر ڪيل هجڻ جو الزام لڳايو. هن چيو ته ڊيموڪريٽ پارٽي جي اڳواڻ ڊو??لڊ ٽرمپ جي چونڊ ۾ وڌندڙ مقبوليت سبب مايوسي جي حالت ۾ آهي، ان فيصلي تي سينئر ريپبلڪن اڳواڻن طرفان تنقيد به ڪئي وئي جنهن ۾ 2016ع جي چونڊن ۾ ڊو??لڊ ٽرمپ جو مخالف سينيٽر مارڪورو بيو به شامل آهي، 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ نامزدگي جي ڊور ۾ شامل وويڪ راما سوامي ان کي سياسي مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاءِ چونڊ مداخلت جو حربو قرار ڏنو. هن هڪ بيان ۾ چيو ته هي فيصلو جمهوريت تي حملو آهي.
آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن