ابوظهبي -18 مارچ (اي پي پي)گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي و??ير پنهنجي ويزا ڇوٽ پاليسي تحت 87 ملڪن کي اڳواٽ ويزا جي ڇوٽ واري فهرست ۾ شام?? ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو مقصد سياحن لاءِ سفر کي آسان بڻائڻ آهي. گلف نيوز مطابق گڏيل عرب امارتن جي ڊجيٽل حڪومت واضح ڪيو ته جي سي سي جي شهرين کي ملڪ جو دورو ڪرڻ لاءِ ويزا يا اسپانسرشپ جي ضرورت ناهي. هو يو اي اي جي داخلي بندرگاهن تي پهچڻ تي جي سي سي رياست طرفان جاري ڪيل پاسپورٽ يا سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکا??ي داخل ٿي سگهن ٿا. انهن سمورن 87 ملڪن جا شهري هاڻي امارت پهچي موقعي تي ويزا حاص?? ڪري سگهن ٿا ۽ کين اڳواٽ ويزا حاص?? ڪرڻ واري شرط پوري ڪرڻ لازمي نه هوندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق