رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آئرلينڊ جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير مائيڪل مارٽن ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز مطابق ٽيليفونڪ رابطي دوران سعودي عرب ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن جو جائزو ورتو ويو. هلندڙ سال ??ئي ملڪ ٻه طرفن ناتن جي قيام جي 50 هين سالگره ملهائي رهيا آهن. هن مختلف شعبن ۽ يورپي يونين جي فريم ورڪ اندر لاڳاپن کي مض??وط بڻائڻ جي خواهش تي زور ڀريو ۽ غزه ، لبنان جي صورتحال ۽ خطي ۾ تڪرارن جي وڌڻ جي خطري تي ڌيان ڏيندي علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي به آئرلينڊ جي هم منصب س??ن گڏ غزه تڪرار ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. اردن جي پرڏيهي وزير غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت، شهرين جي تحفظ ۽ غزه ۾ امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڀ??يو.
سعودي پرڏيهي وزير سان آئر لينڊ جي قيادت جو ٽيلي فونڪ رابطو، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores