انقره- 31 جولاءِ (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته غزه هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي قتل گاهه بڻجي چڪو آهي. ٽي آر ٽي مطابق هن چيو ته اولهه وا??ن اڳواڻن ۽ تنظيمن جو فرض آهي ته عالمي سلامتي کي يقيني بنائين، لڳ ڀڳ 300 ڏينهن کان ان ظلم ۽ بربريت کي صرف پري کان ڏسي ره??ا آهن. هن چيو ته اسرائيل ظلم ۽ جارحيت ۾ هٽلر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اسرائيل جون جارحاڻيون پاليسيون سڄي خطي کي شديد خطري ۾ وجهي رهيون آهن ۽ هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي غزه ۾ فلسطينين جي نس?? ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي اڳواڻن کان اسرائيل جي جاري بربريت کي ??ور?? طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان کان اڳ گهڻي دير ٿي وڃي، اسان کي هاڻي ??ور?? قدمن جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس