گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) غزه ۾ پوليو وي??سي??يشن مهم هلائيندڙ گڏيل قومن جي امدادي اهلڪارن چيو آهي ته هو جن ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهي پهريان ئي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن ۽ گذريل 10 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري جنگ سبب شديد خوف جو شڪار آهن. امدادي اهلڪا??ن مطابق غزه ۾ گذريل سال آڪٽوبر ک??ن جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ هر 10 مان 9 فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ اهي بک، غذائي کوٽ ۽ بيماري جو شڪار آهن. فلسطين جي پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي ترجمان لوئيس واٽريج چيو آهي ته غزه جي مرڪزي حصي ۾ پوليو وي??سي??يشن مهم دوران جن ٻارن سان هو رابطي ۾ آيو، جن جو وڏو انگ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهي، غزه ۾ موجود غير انساني حا??تن سبب اتي مختلف بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. انهن حا??تن ۾ غزه جي رهواسين کي طبي سامان، صحت جي حفاظت جي شين ۽ ص??ف پاڻي جي شديد ضرورت آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اتي جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته غزه ۾ سمورين مشڪلاتن باوجود پوليو وي??سي??يشن مهم جاري آهي ۽ امدادي ڪارڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اتي هڪ سال کان 10 سالن جي عمر جي وڌ کان وڌ ٻارن جي وي??سي??يشن ڪئي وڃي.
غزه ۾ ٻارن جي اڪثريت بيماري ۽ خوف جو شڪار آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں