اس??ام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خ??قان عباسي چيو آهي ته اين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام وڏي صاف ۽ شفاف انداز ۾ هلايو آهي اسان کي ڪنهن اين آر او جي ڪا ضرورت نه آهي، گاريون ڏيندڙ?? سان ڪهڙيون سياسي ڳالهيون ڪيون وڃن؟ انه?? سان ڳالهيون ايندڙ چونڊن جي موقعي تي ئي ٿينديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وزيراع??م آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??. و??يراعظم شاهد خ??قان عباسي پي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ پارليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃي ٿي. سياسي ڳاله ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيا آهن انه?? سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ هر سياسي پارٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته اها ڪهڙي طرح ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي.
مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام شفاف انداز ۾ هلايو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria