گڏيل قومون -14 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي، ته ??سرائيل طرفان غزه ۾ اچ وڃ جا رستا بند ٿيڻ سبب انساني صورتحال ??ڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻارڻ جي گهٽتائي سبب امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اچ وڃ بند ٿي سگهي ٿي، والاريل فلسطيني علائقي ۾ گڏيل قومن جي انساني معاملن واري آفيس ا?? سي ايڇ اي جي آفيس جي سربراهه والاريل بيت المقدس مان ويڊيو لنڪ ذريعي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته ??زه جي پٽي ۾ انساني زندگيون انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ مبتلا آهن، جن ۾ اسپتالن جي انڪيوبيٽرز ۾ علاج هيٺ ٻار به شامل آهن، جن جي زندگين جو دارومدار اسپتال ۾ بجلي جي فراهمي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ??نساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي ۽ ٻارڻ جي فراهمي ٿيڻ گهرجي ۽ وڏي تباهي ٿيڻ کان پهرين قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان پهرين جو دير ٿي وڃي.
غزه ۾ وڏي تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ