گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هٿيارن جي روڪٿام ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي پيش ڪيل 4 قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ??ها قراردادون ڄاڻايل مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي واضح عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. انهن قراردادن جي م??ودن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي هٿيارن جي روڪٿام ۽ عالمي سلامتي بابت فرسٽ ڪميٽي طرفان وڏي اڪثريت سان منظوري ڏني وئي. ان مان 3 قراردادون علائقائي، هٿيارن جي روڪٿام ۽ علائقائي ۽ هيٺين علائقن جي سطحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول سان گڏوگڏ علائقائي ۽ ذيلي علائقن کي نظر ۾ رکندي اعتماد سازيءَ جي قدمن بابت آهن. چوٿين قرارداد ۾ ايٽمي هٿيار نه رکندڙ رياستن لاءِ عالمي سلامتي جي خاطريءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. علائقائي ۽ ذيلي علائقن کي نظر ۾ رکندي علائقائي هٿيارن جي روڪٿام ۽ اعتماد سازيءَ جي قدمن جي عنوان هيٺ قراردادن جي جنرل اسيمبليءَ جي بنا ووٽنگ متفقه منظوري ڏني جڏهن ته علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول بابت قرارداد جي حمايت ۾ 186 ميمبر ??لڪ?? ووٽ ڏنو جڏهن ته هڪ صرف هڪ ملڪ ڀارت قراردادن جي م??الفت ڪئي. ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف ايٽمي هٿيار نه رکندڙ رياستن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ اثرائتي عالمي انتظامن جي عنوان جي عنوان سان قرارداد کي به وڏي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. ان قرارداد جي حق ۾ 123 ميمبر ??لڪ?? ووٽ ڏنو جڏهن ته 62 ??لڪ?? ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان موقعي تي م??تلف ??لڪ?? جي سفارتڪارن چيو ته چارئي قراردادون عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هٿيارن جي ڪنٽرول، خاتمي ۽ اعتماد سازيءَ لاءِ علائقائي ۽ عالمي نقطه نظر جي اهميت کي تسليم ڪن ٿيون.
گڏيل قومون، جنرل اسيمبلي هٿيارن جي روڪٿام ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي پيش ڪيل 4 قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada