رياض -18 مارچ (اي پي پي) سع??دي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز سماجي ڪفالت مان فائدو کڻندڙن لاءِ رمضان ۾ 3 ارب ريال کان وڌيڪ امداد ورهائڻ جو حڪم ڏنو. ايس پي اي خاندان جي سربراهه کي هڪ هزار ۽ فيملي ميمبر کي 500 ريال ان مد ۾ ڏنا ويندا. شاهي منظوري تحت جاري ٿيندڙ رقم سڌي ريت فائدو کڻندڙ ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ج??ع ڪرائي ويندي. سع??دي عرب جي افرادي سگهه ۽ سماجي ڀلائي واري وزير انجنيئر احمد الراجحي رمضان دوران ضرورتمند شهرين جي مدد تي شاهه سلمان جي فراخدلي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته رمضان امداد سان سماجي ڪفالت مان فائدو کڻڻ ۾ سهولت ٿيندي. رمضان جون ضرورتون سٺي نموني پوريون ??ري سگهندا. ياد رهي ته بيوه، ??تي??، بيروزگار ماڻهو، پيرسن ۽ معذور سماجي ڪفالت مان فائدو کڻندڙن ۾ شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب