بيجنگ-14 نومبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان جي طبي ادارن وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ٿيون، جنهن ۾ طبي خدمتن، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي تي توجهه ڏني وئي اهي. شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) هاسپيٽل ڪوآپريشن الائنس جي سهولت سان ??يل ان ????اه??ي جو مقصد ص??ت جي سارسنڀال جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ، جگر جي ايڪينوڪو ڪوسس جي علاج، ميڊيڪل امچنگ ٽيڪنالاجي ۽ تحقيقي نتيجن ۾ تبديلي جهڙن شعبن ۾ مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ آهي. صحيح واري تقريب دوران ڪاشغر هيلٿ ڪميشن جي نمائندن ڪاشغر پريفيڪچر جي فرسٽ پيپلز اسپتال ۽ ٻين مقامي طبي سهولتن جي عملدارن سان ??اڪستان جي گلگت صوبائي اسپتال جي طبي اڳواڻن سان تفصيلي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. اهم موضوعن ۾ عالمي طب، ٽيلي ميڊيسن، ڪيترين ئي بيمارين تي ضابطو آڻڻ، مصنوعي ذهانت، بگ ڊيٽا ايپليڪيشنز ۽ روايتي چ??ني دوائون (ٽي سي ايم) کي هٿي ڏيڻ شامل آهي. ان ??وقعي تي ڪاشغر هيلٿ ڪميشن جي عهديدارن عالمي ٽيلي ميڊيسن پليٽ فارمز کي اڳيان ??ڌائڻ جي عزم تي زور ڀريو ۽ گهڻ رُخ آن لائن مشاورتي خدمتن سان ”اسمارٽ اسپتال“ جي قدمن کي اجاگر ڪيو. ان ??دم جو مقصد جاگرافيائي رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ، تعليمي مٽاسٽا ۽ اهلڪارن جي دؤرن کي آسان بنائڻ آهي جنهن سان بيلٽ اينڊ روڊ سان صحت جي سارسنڀال جي نظام کي بااختيار بنائڻ جي مقصد کي اڳيان ??ڌائي سگهجي ٿو.
چين ۽ پاڪستان جي طبي ادارن وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک