اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان علا??قا??ي هم آهنگي جي پيروي ڪري رهيو آهي ۽ 46 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري واري پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن جو مقصد پوري خطي ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ آهي. هن اها ڳالهه عالمي واپاري تنظيم (ڊبليو ٽي او) جي ڊائريڪٽر جنرل ر??رٽو ايزي ويدو سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ علا??قا??ي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ وسيع تر اضافي ۽ علائقي جي ڪروڙين عوام جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ بي پناهه صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم واپار جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان گلوبل سپلائي چين ۾ ڀرپور هم آهنگي حاصل ڪرڻ لا??ِ واپار بابت پنهنجي قانونن کي هم آهنگ بڻائي رهيو آهي. پاڪستان ڊبليو ٽي او سان پنهنجي حصيداري وڌائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ عالمي چٽاڀيٽي جي واپاري تصورن جي آجيان ڪري ٿو.
پاڪستان علائقائي هم آهنگي جي پيروي ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات