اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري ??مل??تي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنهن وزيراعظم ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو ۽ عوام کي خوشحالي ڏني ان کي اح??سا?? کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي، پاڪستان ۾ اح??سا?? جي روايت اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي اح??سا?? جي لاءِ پيش ڪري و??ي آهي، اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي آئين ۽ قانون آڏو پيش ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح سمورن ادارن کي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻو پوندو، هو ووٽر ۽ ووٽ جي تقدس کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو، سي پيڪ ڏي??دڙ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪندڙ کي ملڪ مان ڀڄڻ جي ضرورت نه آهي، عمران خان ادارن جي توهين ڪري ٿو، ڀڄڻ جي کيس ضرورت آهي، اڄڪلهه هي جيڪي چيخون نڪري رهيون آهن انهن جو به بندوبست ٿيڻ وارو آهي، عمران خان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي وچ ۾ فرق کي نه ٿو سمجهي سگهي، جنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو هجي ان کي سيڪيورٽي جي ضرورت هوندي آهي، طالبان جو حصو رهڻ ۽ انهن جي حمايت ڪندڙ کي سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي هوندي، پاڪستان جي عوام محمد نواز شريف ۽ آئين سان گڏ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو هو ته پاڪستان ۾ اح??سا?? جي روايت هو پاڻ شروع ڪندو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪري ان روايت جي شروعات ڪئي.
جنهن وزيراعظم عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا