اسلام آباد – 02 نو??بر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ٽيڪس بنياد جي س??هه وڌائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي ??دايت ڪئي آهي ته سمورين ڌرين جي مشاورت سان منظم ۽ وسيع بنياد تي سڌارا متعارف ڪرايا وڃن، هر ڪنهن کي ??يڪس ادا ڪرڻ ۽ پنهنجو قومي فرض ادا ڪرڻ طرف راغب ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ ٽيڪس سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم کي گهربل ٽيڪس سڌارا متعارف ڪرائڻ، ٽيڪس بنياد کي س??هه ڏيڻ، ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ آڊيٽنگ سسٽم ۾ معياري بهتري آڻڻ بابت کنيل مختلف قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II