اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تعمير ۽ ترقي جا ڪم شر??ع ڪيا ۽ مڪمل ڪيا آهن، ملڪ جي ترقي جمهوري نظام سان واڳيل آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام پنه??جي مرضي جي حڪومت چونڊيندي جنهن سان ايندڙ 5 سالن جي لاءِ ملڪي ترقي جو رخ تعين ٿيندو، اميد آهي ته عوام پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ايندڙ چونڊن ۾ به ڪامياب ڪندي. هو بهاره ڪهو جي ڀرپاسي ع??ائ??ي ۾ ميرا بيگوال پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : ریل رش