اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته منصوبن جي معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين، اسان جي منصوب?? تي تنقيد ڪندڙن کي الله تعاليٰ هدايت ڏي، اسان منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو آهي ماضي ۾ منصوبن ۾ غيرضروري دير ٿي آهي خبر نه آهي ته اسان جي سسٽم ۽ کاتن کي ڇا ٿي ويو آهي ته ٻن سالن ۾ مڪ??ل ٿيندڙ منصوب?? تي 20، 20 سال لڳي وڃن ٿا. نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽ??و بس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اسلام آباد کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين نئون هاءِ وي ٺهي رهيو آهي جنهن ۾ ميٽ??و بس پڻ هلندي، شروعاتي طور تي ان منصوبي ۾ ميٽ??و بس شامل نه هئي ٻه مهينا اڳ ميٽ??و بس منصوبو ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن ماڻهن وٽ سفري سهولت يا گاڏي نه آهي ته اهي ا?? تي سفر ڪري سگهندا. اسلام آباد ۾ ميٽ??و بس موجود آهي.
منصوبن جي معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن