اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بدعنواني کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ ال??ڪش?? ڪميشن جو ڪم آهي، ال??ڪش?? ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيل هارس ٽريڊنگ جي جاچ ڪري ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن کي سزا ڏي، سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو تماشو لڳ?? اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪري. سينيٽ ال??ڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان ال??ڪش?? ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ان حوالي سان جاچ ڪرڻ ال??ڪش?? ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 جي ذيلي شق 3 ال??ڪش?? ڪميشن کي اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعنواني کان پاڪ شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن کي يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ